رڻ تي چانڊوڪي

رڻ تي چانڊوڪي

رڻ تي چانڊوڪي

رڻ تي چانڊوڪي (ڪتاب): ايوب کوسي جي شاعريءَ جو هي پنجون ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سندس غزل، نظم، وايون، چؤسٽا، بيت ۽ پنجڪڙا موجود آهن. ايوب کوسي جي شاعري روايتي نه، پر جديد آهي، جنهن ۾ نون خيالن ۽ تشبيهن جا رنگ موجود آهن. اياز گل کانپوءِ واري ٽهيءَ ۾ ايوب کوسي، خاص ڪري نظم ۽ غزل جي شاعرن ۾ پاڻ مڃرايو آهي ۽ همعصرن ۾ اسلوب ۽ ڊڪشن جي حوالي سان منفرد شاعر طور اُڀري آيو آهي. مشاهدن ۽ تجربن ڏانهن سندس مصورانه نگاهه آهي.
ڊيمي سائيز جي چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب جا 144 صفحا آهن. هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ اُن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو